ڄام دُرڪ

ڄام دُرڪ: ارڙهين صديءَ جو مشهور بلوچي لوڪ شاعر، جنهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان گهري نسبت آهي. هي بلوچستان جا گيت ڳائڻ وارو پهريون بلوچ شاعر آهي. چيو وڃي ٿو ته ڄام درڪ ڊومبڪي قبيلي سان تعلق رکندڙ هو ۽ نصير خان قلات جي درٻار جو شاعر هو. هن شاعريءَ ۾ ڪٿي ’ڄام‘ ته ڪٿي ’درڪ‘ استعمال ڪيو آهي. هڪ روايت موجب ڄام درڪ، خان آف قلات جي دور ۾ هڪ عورت تي عاشق هو، جنهنڪري خان آف قلات طرفان کيس اذيتون به مليون. ڄام درڪ جي عظمت ۽ انفراديت جو انڪشاف سڀ کان اڳ هڪ انگريز مسٽر ڊيميز ڪيو. مير مٺا خان مريءَ ڄام درڪ جي شاعريءَ جو اردو ترجمو ڪيو. هي ترجمو ’درچين‘ جي نالي سان، اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد 1987ع ۾ ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو